SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


هيلمس برٽن قانون


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


هيلمس برٽن قانون

Helms- Burton Act

هيلمس - برٽن ايڪٽ

"12 مارچ 1996ع ۾ آمريڪا جي سينيٽر ”جيسي هيلمس“ ۽عوامي نمائيندي ”ڊين برٽن“، ”ڪيوبا جي آزادي ۽ سهمتيءَ جي قاعدي“ (The Cuban Liberaty and Solidarity Act) نالي هڪ قانون متعارف ڪرايو. جيڪو ٻنهي قانون دانن ”هيمس-برٽن“ جي نالن پُٺيان مشهور ٿيو. هيءُ ايڪٽ دراصل فيبروري 1996ع ۾ ڪيوبا طرفان سندس علائقي مٿان اُڏامندڙ ٻن آمريڪي هوائي جهازن کي تباهه ڪرڻ جي سزا طور، ڪيوبا جي مٿان معاشي پابنديون Economic Embargo)) مڙهڻ جي حوالي سان آمريڪي قانون ساز ادارن مان پاس ڪرايو ويو. مبصرن جي خيال موجب ”هيلمس- برٽن“ ايڪٽ جي مسودي ۾ ٽي وڏيون خاميون ملن ٿيون.
1. هن ايڪٽ تحت اهو طئه ڪيو ويو ته ڪيوبا سان واپاري لاڳاپا رکندڙ مُلڪ کي برداشت نه ڪيو ويندو. ۽ اهڙي وهنوار رکندڙ مُلڪ خلاف آمريڪا طرفان سخت قدم کنيو ويندو. ياد رهي ته هن قسم جو ڪو به شرط بين الاقوامي قانون جي بلڪل خلاف آهي. اهڙي پڪ آمريڪي پرڏيهي پاليسيِءَ جي معمار صدر جيمس مونرو (1823ع) جي جوڙيل پرڏيهي پاليسيءَ جي جڳ مشهور نظريي (Monroe Doctrine) ۾ به ڏني وئي هئي. ان نظريي ۾ واضح طور تي سفارتي معيارن ۽ بين الاقوامي قانون جي پاسداريءَ تي زور ڏنل هيو. هيمس- برٽن ايڪٽ، آمريڪي پرڏيهي پاليسيءَ جي بُنيادي نُڪتن جي خلاف هيو. جيئن ته ان وقت جي ڏکڻ آفريقي حڪومت اهڙي بندش جي خلاف ڪيوبا سان واپاري لاڳاپا برقرار رکڻ ٿي چاهيا، تنهنڪري ڏکڻ آفريقا هن ايڪٽ جو بائيڪاٽ ڪيو. ان کان علاوه دُنيا جي ٻين ڪيترن ملڪن کي به انهيءَ ايڪٽ جي متن تي سخت اعتراض ۽ تحفظات هُئا.
2. آمريڪا طرفان ”نئين عالمي نظام“ جي تعارف دوران پنهنجن سياسي مُخالفن ۽ ساڻس نظرياتي اختلاف رکندڙ مُلڪن سان واپاري تعلقات وڌائڻ ۽ عالمي امن جي واڌ ويجهه جي ڳالهه ڪئي وئي هُئي، پر 1996ع ۾ انهيءَ پاليسيءَ جي اُبتڙ جوڙيل ”هيمس - برٽن ايڪٽ“ جوڙي آمريڪا پاران، هڪ ڀيرو ٻيهر ”ٿڌي جنگ“ وارن لاِڙن کي هٿي ڏني. آمريڪا انهيءَ ايڪٽ پاس ڪرڻ کان اڳ، پنهنجي پرڏيهيءَ پاليسيءَ جو جيڪو خاڪو ۽ ترجيحون پيش ڪيون هُيون، اُهي ايڪٽ جي بنيادي نُڪتن جي بلڪل اُبتڙ هُيون.
3. ڪيوبائي صدر فيڊريل ڪاسترو جي مخُالف ”جمهوريت پسندن“ جي حمايت ذريعي هڪ طرف پنهنجي مُلڪ ۾ جمهوريت جا مضبوط بنياد وجهڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهيو هيو، ته ٻئي طرف معاشي پابنديون هڻي ڪيوبا جي عوام سميت دُنيا ۾ انصاف پسندن جي نظر ۾ پاڻ کي بدنام ڪري رهيو هو. آمريڪا، ڪيوبا تي 1960ع کان مختلف پابنديون مڙهي رهيو هو، جنهن ڪري هڪ طرف ڪيوبا ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري رهي، ته ٻئي طرف علائقي ۾ آمريڪي بالادستيءَ خلاف پڻ ماحول جُڙندو رهيو"


Remember Me Also:

کانديرو

ذ. صفت. کاندائتو ، کانديرُ، صبر ۽ تحمل وارو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal